Friday, 20 March 2015

مرشد پاڪ جي شان ۾

سهڻا شاه نظام الدين هلي آءُ پير ڀري
ڪراءِ ديدار دلبر دلڙي منهنجي ٺري
توبن ڪونه سري مڃ منٿ مسڪين جي

مڃ منٿ مسڪين جي  سهڻا هلي آءُ سنڌ
جتي ڪيئي غريبڙا آهن آسروند
اچي پاء ڪمند قرب جا قريبن مٿي

بيشڪ آئون گنهگار تون بالا بادشاه
تون سهڻو من مُھڻو مٽ نه تنهنجو ماه
روز تڪيان ٿي راه اويسي آءُ تون

اويسي آءُ تون سنڌ ٿي توکي ساري
ٻڏندڙن کي ٻاجھ سان ڪريو ڪناري
ساھ ٿو ساري سڪ تنهنجي ۾ سهڻا

سڪ تنهنجي ۾ سهڻا ڪيئي گهايل گهارين
ڪن دانهون درد مان ٻُڏيو ٻاڪارين
هردم توکي سارين سيلاني سلوڪ مان

سيلاني سلوڪ مان اچ ڀري قدم
هيڻن جي حال جو تون مرهم
قرب جا قرم ڪر عاجزن تي عجيب تون

ڪر عاجزن تي عجيب تون رحمت جو رايو
تون محبوب محمد مصطفيٰ جو سيلاني جو توتي سايو
مهر مٺا فرمايو سنڌين تي صدق سان
_______________________________________
مٺڙا مڃ منٿ نه ڏس عيب عجيبڙا
ڪريو عنايت عشق جي وسن ويڙھا
چُرن روز چڙا درد جي دڌڪار جا

هلي آءُ حبيب سانول به توکي ساري
هر روز تنهنجي عشق ۾ هنڌ هنڌ سينگاري
ٿر روز نهاري راهون رستا رمز ۾

راهون رستا رمز ۾ تَڪي تو هرڏينهن
ڪڏهن ايندو سپرين نهاري منجھ نينهن
محبت سندا مينهن وسايو ولهي تي

وسايو ولهي تي عشق جا انوار
ڏيو ديدار دلبر پڄايو پار
عشق جا اسرار ڪيو پالوٽ پريت سان

ڪيو پالوٽ پريت سان عشق وارن تي اڪسير
تون پاڪ ڌڻي پرور جو ۽ پيارو محمد مير
ڪريو نگاه نظيرته پسان مان پرين کي

____________________________________
آئون ڪوجهو ڪنو ڪوجهي منهنجي ذات
تون پاڪ ڌڻي پرور جو هردم حيات
ڏاتر ڏني ٿئي ڏات مهر ڪر مسڪينن مٿي

مهر ڪر مسڪينن مٿي هلي آءُ سهڻا اڱڻ
تو ۾ رکي رب پاڪ آ مايا منجھ مڻ
اچي ڪر آسڻ سنڌين سائل چوي

سنڌين تي سائل چوي ڪريو رحمت جي نگاه
ڪريو اُجرو عيبن ڀرين کي ڌوئو قلب سياه
ڏيو محبت محمد پاڪ جي منجهئون فيض جي درياه
صبح ۽ مساح ٿئي تذڪرو هڪ الله جو

______________________________________
تون اصل کان آجو اسين بدڪار بُرا
ڌوئو قلب سياه هي ٿين اُجرا
هردم هجن سهرا مٺي محمد پاڪ جا

سيلاني سلوڪ جا اچي وساءِ مينهن ڪريو جيئرو دلين کي ته جاڳي نر نينهن
هردم ۽ هر ڏينهن ٿئي تذڪرو هڪ الله جو.
🌻🌻 🌻 🌻 🌻 🌻 🌻🌻 🌻 🌻 🌻
 فقير عبدالعزيز لغاري

Tuesday, 17 March 2015

شھنشاه علي پور جي نانءُ

شھر علي پور ۾ مرد مٺو مهندار ڏٺم
جنهن جي جلوي نوايل نانگا نروار ڏٺم.

جيئن گلن تي ڀؤنر اچن ٿا
تيئن واس وٺڻ هت بلبل اچن ٿا
راتيان ڏينهان جت پرت پچار ڏٺم.

نور جنهن جي جا شعلا ٻريا
ڪيئي مست مجنون ٿيا چريا
بحر وحدت جو بي ڪنار ڏٺم.

مام سيکاري ادب ڏين ٿا
هڪ نظر ساڻ ملائن رب ٿا
عجب سندن اختيار ڏٺم.

عبدالعزيز جهڙا ٿيا ڪيئي چريا
منجھ محبت آهن مريا
ڪيئي شوق سيري جي ۾ شڪار ڏٺم.
____________________________________
آئين ڪلنگي سر ڪلاه ڪري تنهنجا ويڙھا شال وسن.
آئين احد احمد ويس ڪري
ڪيئي دلڙيون ته ڦري
ڪئين سر توکي سجدو ڪن.

پنهنجي محبت ۾ مشتاقن کي مارين ٿو
ماري پوءِ جيارين ٿو
ڪئين ڪوپا سر اڏي تي ڏين.

شاھِ رفيع پُرنور ٿيو
جنهن کي حاصل حج حضور ٿيو
ڪئين نانگا در تنهنجي تي نچن.

عبدالعزيز رک محبت محڪم
هڻ پوءِ اناالحق دم
کٽي بازي هي ته سچن.

_________________________________

باغ الله والي دا سارا بهار ڏٺم

عجب علي پور وچ اهي آثار ڏٺم.

ڪونجان ڪبوتر آون بلبل 

عجب ٻوليان ٻولي ڪوئل

جٿ ڪمريان دي پڪار ڏٺم.

پرت وندي پُر پيون 

جام الستي پي جيون

سانوڻ دي عجب وسڪار ڏٺم

شاھِ رفيع قرب ڪريندي

رمزان روحاني يار سليندي

عجب پرين دا پيار ڏٺم

پڪڙ دامن عبدالعزيز پير مغان دا

ٿي بردا فرمان دا

اهين صورت وچ دلبر دا ديدار ڏٺم.



_________________________________
فقير عبدالعزيز لغاري

سلوڪ و عرفان

جي پسين محبوب ته هردم حج ٿئي
ويجهو آھي وجود کي خوبن کئون آھي خوب
ڪر صاف قلوب ته وٿي ناهي وار جي.

وٿي ناهي وار جي آھي سولو کئون ساھ
ونحن اقرب اليه من حبل الوريد آھي ساه پساھ
رک هردم چاھ ته ماڻين مدرسو محبوب جو.

مدرسو محبوب جو آهي خاص الخاص
پڙھيو جن پنو پريت جو لٿي تن پياس
اڏري منجھ آڪاس سير ڪيائون ذات جو.

_____________________________________

فقير عبدالعزيز لغاري

سلوڪ و عرفان

نڪري هل ناسوت مان ساميئڙا سرڪار
“وذڪر ربڪ في نفسڪ“اندر منجه اچار
اندر منجھ انوار پس تون پرين جا.

پس تون پرين جا اندر منجھ اسرار
“فذڪروني اذڪرڪم“هيئڙي پائج هار
چڙھ پوءِ تون دار نعرو هڻي نينهن جو.

نعرو هڻي نينهن جو ٿي سولي تي هسوار
منصوري موج ۾ اناالحق ڪر اظھار
ڪري ڌڙ سسي کئون ڌار مڃ رضا رب جي.

مڃ رضا رب جي پڙھ دم دم ساڻ نماز
“الصلوٰات معراج المومنين اي عشق جو آواز
معرفتي معراج ماڻ موچارو ٿئين.

ماڻ ته موچارو ٿئين حقيقي هيڪڙائي
ان الله وترحب الوتر شڪ ڇڏي ڇائي
هردم تن وائي هو هو سندي من ۾ .

هو هو سندي من ۾ آھي طلب تنوار
آديسين اسرار سڀئي پسيا پاڻ ۾ .

__________________________________
فقير عبدالعزيز لغاري

Monday, 16 March 2015

سلوڪ وعرفان








عشق جنين اڪسير ويھ تنين وٽ
دوئي ڪري دور تون سِر تنين وٽ سٽ
پياريندئي پيالو پريت جو عشق جنين اڻ کُٽ
لاهي ڇڏيندئي ڪَٽ اندر جي عبدالعزيز چئي.

اندر جي عبدالعزيز چئي ڪندئي صفائي
ڪڍندئي ڪلمي پاڪ سان دام دغائي
ڏسيندئي واٽ وحدت جي ڪندئي دور سياهي
سچي سچائي ساڻ هلائيندئي هوت ڏي.

ساڻ هَلائيندئي هوت ڏي ڪڍندئي منجهان ناسوت 
ڪندئي صاف صدق سان ڪُڌا جي ڪرتوت
هلائيندئي حال حلاج جي صبر ساڻ سڪوت
“موت قبل انت موت “ماريندئي منصور جيان.

ماريندئي منصور جيان اِي عشق وارن مرڪ
پياريندئي سوز فراق جي سيني مان سُرڪ
ڪرائيندئي قرب مان دنيا دورنگي ترڪ
اوڍائيندئي اجرڪ تارڪي جو طالب چوي.

تارڪي جو طالب چوي جنين پيتو جام
سدائين رهڻ شوق ۾ اهو عشق وارن احرام
“وذڪر ربڪ في نفسڪ“ اي آيت آين انعام
خطرا سڀئي خام رهن سدائين سلوڪ ۾.

رهن سدائين سلوڪ ۾ اٿن عشق اندر
نه ڪن گِلا پچر پرائي اٿن سور سمر
سڀ مڃيائون ملامتون جيڪي آين سِر
پڙھيائون الف وارو اکر ٿيا سُرخرو سڳر ۾.

ٿيا سُرخرو سڳر ۾ نينهن ۾ نانگا
ويراڳين وجود ۾ پنڌ سڀئي اورانگهيا
لاهوتي لانگها لنگهي ويا لِڪ ۾ .

لنگهي ويا لِڪ ۾ گاروڙي گرناٿ
وڃي مليا مطلوب کي عشق ڪيائون اثبات
لنگهي سارو ساٿ وڃي ڪُل ۾ ڪُل ٿيا.

ڪُل ۾ وڃي ڪُل ٿيا جوڳين وڃايو جُزو
آڌوتين اثبات جو چکيو منجھ مزو
اندر عارضو لاٿائون لباس جو.

لاٿائون لباس جو ، ڀولا ڇڏيائون ڀولي
ڏٺائون پيچرو پِر جو اند مون ڳولي
ڏٺائون منجھ چولي سارو سِر سرڪار جو.

سارو سِر سرڪار جو ڏٺائون منجھ مُراقبي ميدان
مازاغ البصر وما طغيٰ ڪيائون نينهن نشان
لنگهي لامڪان قائم ٿيان ڪونين ۾.

قائم ٿيا ڪونين ۾ آهن رحمت جا درياءَ
جيڪو اچي انهن وٽ ڏيکارين سڌي راھ
جنهن جا قلب سياھ ڪن اُجرو تن کي

ڪن اُجرو تن کي ڌوئي سياهي
هلائن تن کي حق ڏي ساڻ سچائي
“موتو قبل انت موتو“ تن وٽ واٽ ِاهائي
ڏين تن واڌائي سچي هن سلوڪ جي.

سچي هن سلوڪ جي جنين پيتي پِڪ
منجهان روح رندن جي اچي ٻولي حق حق
لاهي سڀئي شڪ رڙھن راھ رسول جي.

رڙھن راھ رسول جي مرد اُھي منصور 
لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن سُرُور
الستي اُمور پاڙيائون پريت سان.

پاڙيائون پِريت سان وعده ڪيائون جي
هردم حج حُضور ۾ آھن نانگا سي
رند پروڙين ڪي معرڪو انهي مام جو.
__________________________
فقير عبدالعزيز لغاري

Saturday, 14 March 2015

سلوڪ و عرفان

عاشقن الله کي ووڙي لڌو وجود ۾
 ڪن ڳالھ ڪهڙي هن دنيا جي رهيا وڃي موجود ۾.

ڪري نفي اثبات ٿيا وڏا تن جا درجات ٿيا
“موتو قبل “مري مات ٿيا هردم آھن سجود ۾.

لاتائون پرين سان لئون کنيائون هٿ ٻنهي جهانن تئون
ڪيائون ديدار اندر مئون آھن رمز “لامقصود“ ۾.

نانگا ٿيا نيهي نر اُجاري صاف ڪيائون پنهنجو اندر پڙھيائون هڪ الف وارو اکر آھن درد واري دود ۾.

ناسوت مان عبدالعزيز نيهي چليا لاهوت ڏي اُڏري هليا
آسرا دنياوي هاهوتين پَليا ٿيا فنا معبود ۾.

‌------------------------------------

آدم کي تو بنائي مچ عشق جو مچايو
ڪڍائي منجھ بهشتئون وري نئون نينهن لايو.

آدم آ سر الٰھي جيڪو رکي آگاھي هِت ھُت انھي جي شاھي سر تنهن سلطاني سايو.

ابليس ڪيو جھيڙو ڪري تڪبر ٿيو ڀيڙو
ڪيين ويران پنهنجو ويڙھو لعنت جو تنهن طوق پايو.

ڪئين منصور سولي قتل ٿيو لکيو ھو پيچ ازل جو
ھوڪو ھُلايائين اناالحق جو تھائين عاشق سڏايو.

آدم ۾ لڪيل ھو نورِ سرور تڏھن ملائڪن سجدو ڪيو ٿي ھر ھر
خود خدا ڪيو سجدي جو امر جنهن سمجهيو تنهن پايو.

عبدالعزيز رھ ادب ۾ توحيد جي طلب ۾
 ھميشه سيد سچي جي حب ۾ ڇڏ ٻيو فڪر اجايو

‌------------------------------------
مار ڪي سولي اُتي نعرا وو يار
شاه ِ منصور جامِ شھادت پيتا.

اناالحق دي موج جڏان مرد تي آئي
گم چا ڪيتُس ساري ٻيائي
سمجھ ڳيا سر سارا وويار.

عشق انعام اکيان تي چاتس
ڏاج ڏکان دا ڳل وچ پاتس
وڄا ڳيا اپڻا وارا وويار.

ٿيا دريا وحدت دي وچ عاشق گم
جلايس اپڻا جان جسم
پَس ڳيا پريت دا پسارا وويار.

نفي ٿي عبدالعزيز ڇوڙ جسم نون
ڪر اثبات اسم نون
ڪر اندر دا اُجارا  وويار.
~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~
فقير عبدالعزيز لغاري