سهڻا شاه نظام الدين هلي آءُ پير ڀري
ڪراءِ ديدار دلبر دلڙي منهنجي ٺري
توبن ڪونه سري مڃ منٿ مسڪين جي
مڃ منٿ مسڪين جي سهڻا هلي آءُ سنڌ
جتي ڪيئي غريبڙا آهن آسروند
اچي پاء ڪمند قرب جا قريبن مٿي
بيشڪ آئون گنهگار تون بالا بادشاه
تون سهڻو من مُھڻو مٽ نه تنهنجو ماه
روز تڪيان ٿي راه اويسي آءُ تون
اويسي آءُ تون سنڌ ٿي توکي ساري
ٻڏندڙن کي ٻاجھ سان ڪريو ڪناري
ساھ ٿو ساري سڪ تنهنجي ۾ سهڻا
سڪ تنهنجي ۾ سهڻا ڪيئي گهايل گهارين
ڪن دانهون درد مان ٻُڏيو ٻاڪارين
هردم توکي سارين سيلاني سلوڪ مان
سيلاني سلوڪ مان اچ ڀري قدم
هيڻن جي حال جو تون مرهم
قرب جا قرم ڪر عاجزن تي عجيب تون
ڪر عاجزن تي عجيب تون رحمت جو رايو
تون محبوب محمد مصطفيٰ جو سيلاني جو توتي سايو
مهر مٺا فرمايو سنڌين تي صدق سان
_______________________________________
مٺڙا مڃ منٿ نه ڏس عيب عجيبڙا
ڪريو عنايت عشق جي وسن ويڙھا
چُرن روز چڙا درد جي دڌڪار جا
هلي آءُ حبيب سانول به توکي ساري
هر روز تنهنجي عشق ۾ هنڌ هنڌ سينگاري
ٿر روز نهاري راهون رستا رمز ۾
راهون رستا رمز ۾ تَڪي تو هرڏينهن
ڪڏهن ايندو سپرين نهاري منجھ نينهن
محبت سندا مينهن وسايو ولهي تي
وسايو ولهي تي عشق جا انوار
ڏيو ديدار دلبر پڄايو پار
عشق جا اسرار ڪيو پالوٽ پريت سان
ڪيو پالوٽ پريت سان عشق وارن تي اڪسير
تون پاڪ ڌڻي پرور جو ۽ پيارو محمد مير
ڪريو نگاه نظيرته پسان مان پرين کي
____________________________________
آئون ڪوجهو ڪنو ڪوجهي منهنجي ذات
تون پاڪ ڌڻي پرور جو هردم حيات
ڏاتر ڏني ٿئي ڏات مهر ڪر مسڪينن مٿي
مهر ڪر مسڪينن مٿي هلي آءُ سهڻا اڱڻ
تو ۾ رکي رب پاڪ آ مايا منجھ مڻ
اچي ڪر آسڻ سنڌين سائل چوي
سنڌين تي سائل چوي ڪريو رحمت جي نگاه
ڪريو اُجرو عيبن ڀرين کي ڌوئو قلب سياه
ڏيو محبت محمد پاڪ جي منجهئون فيض جي درياه
صبح ۽ مساح ٿئي تذڪرو هڪ الله جو
______________________________________
تون اصل کان آجو اسين بدڪار بُرا
ڌوئو قلب سياه هي ٿين اُجرا
هردم هجن سهرا مٺي محمد پاڪ جا
سيلاني سلوڪ جا اچي وساءِ مينهن ڪريو جيئرو دلين کي ته جاڳي نر نينهن
هردم ۽ هر ڏينهن ٿئي تذڪرو هڪ الله جو.
🌻🌻 🌻 🌻 🌻 🌻 🌻🌻 🌻 🌻 🌻
فقير عبدالعزيز لغاري
No comments:
Post a Comment