Saturday, 14 March 2015

سلوڪ و عرفان

عاشقن الله کي ووڙي لڌو وجود ۾
 ڪن ڳالھ ڪهڙي هن دنيا جي رهيا وڃي موجود ۾.

ڪري نفي اثبات ٿيا وڏا تن جا درجات ٿيا
“موتو قبل “مري مات ٿيا هردم آھن سجود ۾.

لاتائون پرين سان لئون کنيائون هٿ ٻنهي جهانن تئون
ڪيائون ديدار اندر مئون آھن رمز “لامقصود“ ۾.

نانگا ٿيا نيهي نر اُجاري صاف ڪيائون پنهنجو اندر پڙھيائون هڪ الف وارو اکر آھن درد واري دود ۾.

ناسوت مان عبدالعزيز نيهي چليا لاهوت ڏي اُڏري هليا
آسرا دنياوي هاهوتين پَليا ٿيا فنا معبود ۾.

‌------------------------------------

آدم کي تو بنائي مچ عشق جو مچايو
ڪڍائي منجھ بهشتئون وري نئون نينهن لايو.

آدم آ سر الٰھي جيڪو رکي آگاھي هِت ھُت انھي جي شاھي سر تنهن سلطاني سايو.

ابليس ڪيو جھيڙو ڪري تڪبر ٿيو ڀيڙو
ڪيين ويران پنهنجو ويڙھو لعنت جو تنهن طوق پايو.

ڪئين منصور سولي قتل ٿيو لکيو ھو پيچ ازل جو
ھوڪو ھُلايائين اناالحق جو تھائين عاشق سڏايو.

آدم ۾ لڪيل ھو نورِ سرور تڏھن ملائڪن سجدو ڪيو ٿي ھر ھر
خود خدا ڪيو سجدي جو امر جنهن سمجهيو تنهن پايو.

عبدالعزيز رھ ادب ۾ توحيد جي طلب ۾
 ھميشه سيد سچي جي حب ۾ ڇڏ ٻيو فڪر اجايو

‌------------------------------------
مار ڪي سولي اُتي نعرا وو يار
شاه ِ منصور جامِ شھادت پيتا.

اناالحق دي موج جڏان مرد تي آئي
گم چا ڪيتُس ساري ٻيائي
سمجھ ڳيا سر سارا وويار.

عشق انعام اکيان تي چاتس
ڏاج ڏکان دا ڳل وچ پاتس
وڄا ڳيا اپڻا وارا وويار.

ٿيا دريا وحدت دي وچ عاشق گم
جلايس اپڻا جان جسم
پَس ڳيا پريت دا پسارا وويار.

نفي ٿي عبدالعزيز ڇوڙ جسم نون
ڪر اثبات اسم نون
ڪر اندر دا اُجارا  وويار.
~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~~
فقير عبدالعزيز لغاري

No comments:

Post a Comment